جهالَرَ (زيور)

جهالَرَ (زيور)

جھالر (زيور)

جهالَرَ (زيور): جهالر سنڌ جي عورتن جو هڪ مقبول ۽ سونهندڙ ڳهه آهي، جيڪو ننڍڙين گول گِهنگهرين سان جڙيل هوندو آهي. هي ڳهه ڳچيءَ ۾ پائبو آهي ته ڳچيءَ سان لڳي بيهندو آهي، ان جو پٽو ٻن کان چئن انچن تائين ويڪرو ٿيندو آهي. موتين جي سَرُن مان ٽانڪيل پانڪَ، يا ٽؤنرن جي قطار، جيڪا ڪنهن ڪپڙي وغيره جي ڪنارين تي هڻبي آهي. ان کي ’جهالر‘ چئبو آهي. جهالر (ڳهه) چاندي، سون ۽ پتل وغيره مان به ٺاهيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو